راهي ڍولڻ

راهي ڍولڻ

راهي ڍولڻ

راهي، ڍولڻ: هند سنڌ جو مشهور سنڌي شاعر، گائڪ، ڊراما نويس ۽ ڊائريڪٽر ڍولڻ راهي، 6 جولاءِ 1949ع ۾ اجمير (راجسٿان) ۾ پيدا ٿيو. هن ابتدائي تعليم، ثانوي تعليم کان پوءِ ۽ بي. ايڊ ڪئي ۽ ان بعد ايم. اي سنڌي ڪيائين. هن پيشوراڻي زندگيءَ جو آغاز استاد طور شروع ڪيو.
ڍولڻ راهي هڪ گهڻ رخي شخصيت آهي. هن هڪ ئي وقت ڊراما لکيا، پر ڊائريڪٽ به ڪيا، انهن مان ’جهڙي سان تهڙي‘ سن 1983ع ۾ وڏي مقبوليت ماڻي. ان کانسواءِ هن ڪيترا گيت ڳاتا آهن، جيڪي ڪيترن نجي ۽ سرڪاري چئنلن تان هلي چڪا آهن، انهن جون آڊيو ڪئسٽون به مارڪيٽ ۾ اچي چڪيون آهن، انهن ۾ ’ڪنور جي قرباني‘، ’اسان جو لاڙو‘، ’مور لاڏو‘، ’شهنائي شادي‘ ۽ ’ڀڳتن جو ڀڳوان‘ سميت ڪيترا البم وڏي مقبوليت حاصل ڪري چڪا آهن.
ڍولـڻ راهـيءَ جي شـاعـريءَ جـا ڪـتاب: (1) نيـڻـن اوتيـو نيـنـهن (1970ع)، (2) عڪس ۽ پاڇا (1985ع)، (3) ڏات جون ڏياٽيون (1987ع)، (4) مور پنکيءَ پل (1995ع)، (5) عورت تنهنجا روپ هزار (پنجڪڙا)، ۽ (6) انڌيرو روشن ٿئي (شاعري: 2003ع) ڇپيل آهن. سندس ڪتابن تي راجسٿان اڪيڊميءَ ۽ ساهتيه اڪيڊمي، دهليءَ پاران اوارڊ ملي چڪا آهن. ان کانسواءِ ڍولڻ راهي، بنڪم چندر چئٽرجي ۽ نارائڻ شيام جي ڪتابن جا ترجما پڻ ڪري چڪو آهي. ڍولڻ راهي هن وقت اجمير، راجسٿان ۾ رهائش پذير آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو

داخلا ۾ استعمال ٿيل تاريخون

1949.07.06  عيسوي

سنڌ جو مشهور سنڌي شاعر، گائڪ، ڊراما نويس ۽ ڊائريڪٽر ڍولڻ راهي، 6 جولاءِ 1949ع ۾ اجمير (راجسٿان) ۾ پيدا ٿيو.



شاعر - ڀاڱي جون ٻِيون داخلائون

چيٽرجي بنڪم چندر
راشدي نجي الله شاهه
ضياء جالنڌري
محمد محسن پاٽولي ٺٽوي
خليل عارف سومرو
مرتضيٰ شاهه ڏاڏاهي
عاجز اڄڻ
پورن هولا رام تيجڀانداس
ڄام مراد علي جوکيو
بدر قريشي
شاعر ڀاڱي جا وڌيڪ مضمون